چنڊ ڳليون

چنڊ ڳليون

چنڊ ڳليون

چنڊ ڳليون (ڪتاب): ’چنڊ ڳليون‘ ڪتاب، شيخ اياز جي ترائيلن جو مجموعو آهي. ڪتاب جو انتساب، اياز (پنهنجي ٻئي جنم) ميٿلي ٻوليءَ جي شاعر ’وديا پتيءَ‘ جي نالي ڪيو آهي، جيڪو 1352ع ۾ مڌوبن ۾ ڄائو هو، ۽ جنهن پيار جا امر گيت لکيا هئا، جن جي اتهاس تي اڻمٽ ڇاپ آهي. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز ڄاڻايو آهي ته: ”ترائيل، فرينچ شاعريءَ جي صنف آهي ... اسان ترائيل جو فارم، اردوءَ تان ورتو آهي. ... مون کي اردو ترائيل جو ترنم پسند آيو آهي، جيڪو فرينچ ۽ انگريزي ترائيل وانگر نه آهي، اُن جو فارم ساڳيو آهي، پر ترنم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ترائيل جا تجربا اردو يا سنڌي ادب ۾ مان پهريون ڀيرو نه ڪري رهيو آهيان، پر اردو ۽ سنڌي ترائيل رڳو ’فاعلاتن فعلاتن فعالتن فعلن‘ ۽ غالباً ’مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن‘ جي وزن تي جوڙيو ويو آهي. مون ان ۾ تجرباتي طور ٻيا وزن به پهريون ڀيرو ڪم آندا آهن ۽ گهاڙيٽن کي به ڪڏهن ڪڏهن ڦيرايو آهي.“
هن مجموعي ۾ شيخ اياز جا 244 ترائيل شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 254 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، آگسٽ 1995ع ۾ شايع ڪيو آهي ۽ اُن جي ڪچي جلد جي قيمت 90 روپيا آهي، جڏهن ته پڪي جلد جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو